Wednesday , January 23 2019
uren

نائلا رند جي مبينا آپگهات وارو معاملو: جاچ ڪندڙ ججز کي سيڪيورٽي ڪليرنس نه ملي،جاچ رولڙي جو شڪار

حيدر آباد( سنڌ سماءَ چار) سنڌ يونيوپرسٽي ۾ ججز کي سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ سبب نائلا رند ڪيس جي جاچ اڳتي نه وڌي سگهي آهي. مارئي هاسٽل جي هڪ ڪمري مان شاگردياڻي نائلا رند جي ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ ڪندڙ ججز کي اربع ڏينهن سنڌ يونيورسٽي وڃي معاملي جي جاچ ڪرڻي هئي.

ڄامشورو پوليس جو چوڻ آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل مان شاگردياڻي نائلا رند جو ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ سڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ سبب ججز جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ججز جي ٻه رڪني جاچ ٽيم کي سنڌ يونيورسٽي جي مارئي هاسٽل وڃو هو، جتي شاگردياڻي نائلا رند جي ڪمري جو معائنو ڪرڻو هو. ڄامشورو پوليس جو چوڻ آهي ته ججز کي مارئي هاسٽل ۽ نائلا رند جي ڪمري جو معائنو ڪرڻو. سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ سبب ججز دورو ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جناح اسپتال ڪيس، سنڌ جي رد ڪيل موقف تي جسٽس مقبول باقر جو اختلافي نوٽ

Share this on WhatsAppجناح اسپتال ڪيس، سنڌ جي رد ڪيل موقف تي جسٽس مقبول باقر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *