Thursday , March 28 2024

ميلبرن:ٽين ون ڊي ۾ پاڪستان آسٽريليا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ اهم ميچ ۾پاڪستاني بالزر جي شاندار بالنگ بعد محمد حفيظ جي شاندار بيٽنگ سبب قومي ٽيم ميزبان ٽيم کي6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز کي هڪ-هڪ ميچ سان برابر ڪري ورتي آهي.

ميلبورن ۾ کيڏي ويل ٻين ون ڊي ميچ ۾ ميزبان ٽيم جي ڪپتان اسٽيوِ سمٿ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

آسٽريلوي ٽيم پاڪستان بالرز آڏو بيوس نظر آئي ۽ پوري ٽيم 48 ڏهائي 2 اوورس ۾ 220رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

آسٽريليا پاران ڪپتان اسٽيو سمٿ 60،ميٿيو ويڊ 35، ٽريوس هيڊ 29، گلين ميڪسويل 29 ۽فالڪنر 19رنز جي اننگ کيڏي.

پاڪستان پاران محمد عامر 3، جنيد خان ۽ عماد وسيم 2-2، جڏهن ته حسن علي ۽شعيب ملڪ هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان جي ٽيم آسٽريليا پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 221رنز جو ٽارگيٽ هڪ طرفي مقابلي بعد چئن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي حاصل ڪري سيريز کي هڪ-هڪ ميچ سان برابر ڪري ورتو آهي.

پاڪستان پاران اظهر علي جي جاءِ تي ڪپتاني ڪندڙ محمد حفيظ 72 رنز جي اننگ کيڏي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ شرجيل خان 29،بابر اعظم 34 ۽اسد شفيق 13رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا.

اڳوڻو ڪپتان شعيب ملڪ 42۽عمر اڪمل 18رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

آسٽريليا پاران جيمز فالڪنر ۽ مچل اسٽارڪ ٻه-ٻه وڪيٽس حاصل ڪيون.

محمد حفيظ کي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽين ون ڊي ميچ 19 تاريخ تي پرٿ ۾ کيڏي  ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *