Friday , March 29 2024

ممتاز ڀٽو کي سنڌ جو گورنر نه پيو بڻايو وڃي؛ آصف زرداري کي سوگهو ڪرڻ جي ضررت ناهي

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) گذريل ٻن ڏينهن کان اهي افواهه هلي ريا آهي ته تازو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيل ممتاز علي ڀٽو کي سنڌ جو گورنر يا وري ملڪ جو صدر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪجهه اخبارن ۾ اهڙيون خبرون به ڇپيون آهن ۽ سماجي رابطن جي مختلف سائيٽس تي به اهڙيون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن. انس سلسلي ۾ جڏهن سنڌ سماءَچار پاران پي ٽي آءِ جي هڪ اهم اڳواڻ سان رابطو ڪري معلومات ورتي وئي ته، ان نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، ” ممتاز ڀٽو 25 ۽ 26 جولاءِ جي وچ واري رات جو عمران خان سان فون تي رابطي جي ڪوشش ڪئي هئي، پر عمران خان مصروف هجڻ سبب بعد رابطي جو چيو هو. پي ٽي آءِ جي ان اڳواڻ ٻڌايو ته، عمران ۽ ممتاز ڀٽو جي ان کانپوِءِ جي ڪنهن رابطي جي کيس ڄاڻ ناهي“. ڇا پي ٽي آءِ جي قيادت پاران ممتاز ڀٽو کي سنڌ جو گورنر بڻائڻ تي غور ٿئي پيو يا نه؟ واري سوال تهي پي ٽي آءِ جي ان اڳواڻ ٻڌايو ته، سوشل ميڊيا تي اهڙيون ڳالهيون ٻڌون پيا.

ممتاز ڀٽي کي گورنر بڻائڻ جي ضرورت نه هجڻ جا ڪارڻ؟

ممتاز ڀٽي کي سنڌ جو گورنر بڻائيڻ واري معاملي جو جڏهن سنڌسماءَچار پاران مختلف معاملن تي ويچاريو ويو ته، ان جا نتيجا ڪجهه هن طرح سان سامهون اچي رهيا آهن. نمبر هڪ ته ممتاز ڀٽو کي آخرڪار گورنر بڻائجي ته ڇو؟ ان سوال جو جواب ڪجهه ماڻهو اهو ڏين ٿا ته، پي ٽي آءِ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي خاص طور تي، آصف زرداري کي سوڙهو ڪرڻ آهي. آصف زرداري کي نئين جڙندڙ وفاقي سرڪار (پي ٽي آءِ ) سوڙهو ڪرڻ لاءِ ممتاز ڀٽو کي انڪري ٽاسڪ نه ڏيندي ڇو ته اهو معاملو اڳ ۾ ئي نيب ۽ ايف آءِ اي سميت سپريم ڪورٽ ۽ بئنڪنگ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳواٽ ئي زري گهٽ نامزد جوابدارن واري فهرست ۾ شامل آهن. ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي 6 آگسٽ تائين پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي آخري مهلت ڏئي ڇڪي آهي، جنهن ۾ هن ڀيري ڪا به واڌ نه ٿيڻ جا امڪان چٽا آهن. مطلب ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ايندڙ وفاقي حڪومت کي ممتاز ڀٽو يا ان ٽائيپ جي ڪنهن به ماڻهو جي ضرورت ناهي.

مني لانڊرنگ ڪيس  نه رڳو آصف زرداري پر سندس انتهائي ويجهو دوست ۽ ڪاروبار ۾ فرنٽ مين سمجهيو ويندڙ انور مجيد، هڪ ڪنسٽريڪشن ڪمپني (جنهن کي سنڌ ۾ روڊز سميت مختلف اهم منصوبن جا ٺيڪا ڏنا وڃن ٿا)؛ آهستي آهستي ايف آءِ اي ۽ پوءِ نيب جي وڪڙ ۾ اچي چڪا آهن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي اها نفسيات هوندي آهي ته جڏهن انهن جي مٿان ايندي آهي ته اُهي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندا آهن.

مختصر ۽ آخري آپشن ته هن وقت اسٽبلشمينٽ نواز شريف سان سڌي ٽڪر ۾ آهي، جنهن ۾ عمران خان سندن پاسي بيٺل آهي. هاڻي عمران خان يا اسٽبلشمينٽ هڪ ئيوقت سڌي طرح پيپلز پارٽي يا ائين کڻي چئجي ته آصف زرداري سان سڌو سئنون ڦڏو ڪنهن به صورت ۾ نه چاهيندي ۽ اهو به ممتاز ڀٽو جهڙي ماڻهو جي صورت ۾

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *