Friday , March 29 2024

مشرف کانپوءِ ن ليگ ۾ 5 سال پورا، ماروي ميمڻ نئون سياسي پليٽ فارم ڳولڻ جي چڪر ۾..؟

ڪراچي ( اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) مملڪتي وزير ۽ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن، ماروي ميمڻ 5 سالن تائين ن ليگ ۾ رهڻ کانپوءِ هاڻي نئون سياسي ٿاڪ ڳولڻ جي چڪر ۾ آهي؛ هن پنهنجي پارٽي تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏني  آهي. ماروي ميمڻ پنهنجي هڪ ٽويٽ بيان ۾ چيو آهي ته، ” غلطي ۽ گناهه ڪنهن ٻئي جو ۽ سزا وري ڪنهن  ٻئي کي… واھ ليڊر شپ واھ“.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، مملڪتي وزير ماروي ميمڻ ن ليگ کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪجهه وقت پهريان پ پ پنجاب جي هڪ اهم اڳواڻ معرفت ماروي ميمڻ سان رابطو ڪري کيس پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي، جنهن تي ماروي ميمڻ کيس سوچڻ لاءِ وقت گهريو هو ۽ ڪجهه وقت جو انتظار ڪرڻ لاءِ چيو هو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ماروي ميمڻ پهريان ن ليگ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪندي ۽ نگران حڪومت جڙڻ دوران يا فوري طور پوءِ پ پ پ يا ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪندي. ذريعن مو جب ماروي ميمڻ حڪومت ختم ٿيڻ کان اڳ ن ليگ نه ڇڏيندي.

ڪراچي:سنڌسماءَچارجي رپورٽر مطابق؛ ماروي ميمڻ جڏهن کان سياست شروع ڪئي آهي، تڏهن کان هڪ پارٽي ۾ ناهي رهي، سندس والد نثار ميمڻ به سدائين اقتداري پارٽين يا اقتداري ڌرين جي طرف ئي بيٺل رهندو هو. نثار ميمڻ پاران دي رفارمرز نالي پليٽ فارم تان سياسي پارٽين جي مختلف اڳواڻن کي پاڻ سان گڏ کڻي ڪجهه ميڙاڪا ڪري پرويز مشرف سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو هو. بلڪل اهڙي طرح ماروي ميمڻ پهريان مشرف ۽ پوءِ وري ن ليگ ۾ شامل ٿي وئي هئي. هاڻي ن ليگ جي حڪومت جا آخري ڏينهن آهن ۽ مٿان نگران حڪومت قائم ٿيندي جنهن دوران عام چونڊون ٿيڻيون آهن. ماروي ميمڻ به پنهنجي 5 سالن جي سياسي وابستگي وارو مدو پورو ڪرڻ واري آحي، انڪري کيس نئين سيٽ اپ ۾ نئين سياسي پليٽ فارم جي ڳولا آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *