Saturday , April 20 2024

فيض گنج ۽ پيرڳوٺ ۾ اسڪول ۽ اسپتالن تي عدالتي ڇاپا

Pacca chang A2

فيض گنج ۾ سول جج هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ رورل هيلٿ سينٽر تي ڇاپا هڻي رڪارڊ پهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، پيرڳوٺ بوائز ڪاليج، گرلس ڪاليج ۽ تعلقه اسپتال تي اوچتا ڇاپا هڻي رڪارڊ چڪاسيو.

سول جج معشوق علي ڏاهري هاءِ اسڪول پڪاچانگ تي ڇاپو هنيو ته گسٽا اڳواڻ اشرف خاصخيلي ڊيوٽي تي موجود نه هئو.

سول جج استاد کي اسڪول ۾ موجود نه هجڻ سبب غير حاضر ڄاڻائيندي سمورو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

رورل هيلٿ سينٽر تي به سول جج معشوق علي ڏاهري اوچتو ڇاپو هنيو ته ملازمن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.

faiz-ganjAA

سول جج اسپتال ۾ ملازمن جي حاضري چيڪ ڪئي، جڏهن ته اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ، ايمبولنس، الٽرا سائونڊ مشين درست ڪرڻ سميت ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.

پيرجو ڳوٺ

ٻي طرف سول جج پيرڳوٺ بوائز ڪاليج، گرلس ڪاليج ۽ تعلقه اسپتال تي اوچتا ڇاپا هڻي رڪارڊ چيڪ ڪيو.

سول جج پيرڳوٺ سليم ڪيريو بوائز ڪاليج ۽ گرلس ڪاليج تي اوچتا ڇاپا هڻي ملازمن جي حاضري وارو رڪارڊ چيڪ ڪيو.

سول جج گرلس ڪاليج جي بس بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن بابت انتظاميا کيس ٻڌايو ته اها خراب پيل آهي، جنهن تي سول جج ان کي فوري طور درست ڪرائي هلائڻ جو حڪم ڏنو.

سول جج تعلقه اسپتال پيرڳوٺ تي پڻ ڇاپو هڻي رڪارڊ چيڪ ڪيو ۽ مختلف وارڊن جو معائنو ڪيو.

PIR GOTH school1

ان موقعي تي اسپتال ۾ موجود مريضن ۽ شهرين سول جج آڏو علاج جون سهولتون نه ملڻ جون دانهون ڪيون، جنهن تي سول جج سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسپتال جي انتظاميا کي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *