Friday , April 19 2024

شاگردياڻي فرزانا جمالي کي هيسائيندڙ طاقتور وي سي ۽ ليڪچرار استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

نوابشاهه(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) شاگردياڻي کي هيسائيندڙ شهيد بينطير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي انتهائي بااثر وائيس چانسلر ۽ ليڪچرار نيٺ پن هنجي عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن، فرزانا جمالي احتجاج ختم ڪندي اعلان ڪيو آهي ته هاڻي پنهنجي ڀاءُ زوهيب تي حملو ڪندڙ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙن خلاف تحريڪ هلائي ويندي. شاگردياڻي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي هيسائڻ واري ڪيس ۾ مک جوابدار ويِ سي ارشد سليم آرائين ۽ ليڪچرار عامر خٽڪ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير ڏانهن موڪليل استعيفيٰ ۾ وي سي چيو آهي ته لڳايل الزامن بعد هُو ذهني دٻاءُ ۾ آهي. جنهن ڪري موجوده صورتحال ۾ ذميواريون نڀائي نه ٿيون سگهجن، سندس استعيفيٰ منظور ڪئي وڃي. فرزانه جماليءَ  وي سي ۽ پروفيسر جي استعيفيٰ بعد احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. هراسمينٽ جو شڪار بڻيل شاگردياڻي فرزانه جمالي جي 42 ڏينهن جي مسلسل جدوجهد بعد سندس احتجاجي تحريڪ رنگ لاتو. شاگرديصاڻي کي هيسائڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار وي سي ارشد سليم آرائين ۽ ليڪچرار عامر خٽڪ متاثر شاگردياڻي فرزانه جمالي ۽ سياسي سماجي ڌرين جي سخت احتجاج بعد پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏني آهي. وي سي ارشد سليم پنهنجي استيعفيٰ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ليڪچرار عامر خٽڪ پنهنجي استعيفيٰ رجسٽرار آفيس ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي پي آر او ڪاشف نوراني وي سي ۽ ليڪچرار جي استعيفيٰ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ارشد سليم آرائين ۽ عامر خٽڪ فرزانه مامري جي اڻڌري جاچ ڪرڻ لاءِ استعيفائون ڏنيون آهن.

وي سي ارشد سليم آرائين پنهنجي استيعفا ۾ لکيو آهي ته فرزانه جمالي هراسمينٽ ڪيس سبب هو سخت پريشان آهي، جنهن ڪري پنهنجي ڊيوٽي سرانجام نه ٿو ڏئي سگهي، ڪيس جي صاف ۽ شفاف جاچ لاءِ عهدي تان استعيفيٰ ڏيان ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ليڪچرار عامر خٽڪ به پنهنجي استعيفيٰ ۾ ساڳيو ئي موقف اختيار ڪيو آهي. وي سي ۽ ليڪچرار جي استعيفيٰ بعد سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران خوشي ۾ مٺائي پڻ ورهائي وئي. وي سي جي استعيفيٰ کانپوءِ  انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ فرزانه جمالي پنهنجي والد اعجاز جمالي، چاچي اقبال جمالي، ايس ٽي پي جي اڳواڻن الطاف جسڪاڻي، مولانا مقصود ڊومڪي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عنايت رند ۽ ٻين سان گڏ چوٿين ڏينهن به پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي. جنسي هراسمينٽ ڪيس جي ٻنهي جوابدارن جي استعيفائن کانپوءِ شاگردياڻي فرزانا جمالي ۽ ٻين احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. فرزانه جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ پنهنجي خاندان، سياسي سماجي تنطيمن جي ڪارڪنن،  سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي ٿورائتي آهي جن کيس انصاف ڏيارڻ ۾اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو کيس انصاف ڏيارڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل رهي، جنهن جي نتيجي ۾يونيورسٽي ۾اڄ ٿيندڙ مڊٽرم جو امتحان به هوءَ نه ڏئي سگهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *