Saturday , April 20 2024

شاهه لطيف ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل وڪيل سڪندر شر بازياب

ملير( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ملير ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ آصف اڪبر شاهه لطيف ٿاڻي تي ڇاپو هڻي مبينا طور باندي بڻايل ملير بار جي نائب صدر ۽ سينيئر وڪيل سڪندر شر کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، مئجسٽريٽ پاران ايس ايڇ او شاھ لطيف کي رڪارڊ سميت  عدالت  ۾ طلب ڪيو ويو آهي. وڪيل اڳواڻن جي درخواست تي ملير ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ آصف اڪبر شاهه لطيف ٿاڻي تي ڇاپو هڻي وڪيل سڪندر شر کي بازياب ڪرايو. واقعي خلاف ملير بار جي وڪيلن  ملير ڪورٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. وڪيلن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاھ لطيف پوليس بنا جواز ملير جي وڪيل اڳواڻ کي گرفتار ڪري مٿس ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي. هنن چيو ته پوليس گردي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ايس ايڇ او شاھ لطيف ٽائون جو چوڻ آهي ته لينڊ گريبر راجا آصف کي گرفتار ڪيو ھو جنھن تي 25 ايف آئي آرز داخل آھن جنهن کي ڇڏرائڻ لاءِ وڪيل رات جو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي ٿاڻي تي آيو. هن چيو ته وڪيل پوليس اهلڪارن سان بدتميزي ڪئي ۽ گھٽ وڌ ڳالھايو، جنھن کانپوءِ وڪيل اڳواڻ کي گرفتار ڪري ميڊيڪل ڪرايو ويو جنهن ۾ پڻ نشو ثابت ٿيو آھي. ايس ايڇ او موجب پوليس ڪو به غلط قدم نه کنيو آھي قانون جي دائري ۾ رھي قانوني ڪارروائي ڪئي وئي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *