Tuesday , February 19 2019
uren

سپريم ڪورٽ پاران50هزار رپيا ڏنڊ جي رقم ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ واري حڪم تي اختلافي نوٽ

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ۾ هڪ ڪيس جي شنوائي دوران جڏهن وڪيل ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته، شنوائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪندڙ ڌر تي 50 هزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڏنڊ واري رقم جمع ڪرائڻ واري حڪم تي ٻنهي ججز ڌار ڌار هدايت ڪئي. جسٽس گلزار احمد رقم ڀاشا ڊيم جي اڏاوت واري فنڊ ۾ جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان  موقعي تي بئنچ جي ٻئي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پهرين تجويز جي ابتڙ چيو ته ڏنڊ واري رقم ڊيم فنڊ ۾ نه پر اها ڏنڊ جي 50 هزار رپين واري رقم ايڌي فائونڊيشن ۾ جمع ڪرائي وڃي. جنهن تجويز سان جسٽس گلزار احمد به بعد ۾ اتفاق ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

ڪراچي، حيدر آباد، سکر فيصل آباد سميت ملڪ جي 10 جي گندي پاڻي ۾ پوليو وائرس جي تصديق:نيوڪ رپورٽ

Share this on WhatsApp اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) فيصل آباد، راولپنڊي، قلعه عبدالله، سکر، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *