Friday , March 29 2024

سنڌ سرڪار پاران سنڌ جي اسڪولن ۾ به صاف پاڻي مهيا نه ڪري سگهڻ جو اعتراف،شهري اڳ ئي گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور

ڪراچي ( اصغر آزاد – سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ سرڪار اقرار ڪيو آهي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ شاگردن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا نه ٿي رهي رهيو آهي، ان کان اڳ سنڌ سرڪار شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن کي به پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا نه ڪري سگهڻ جو اعتراف ڪري چڪي آهي. تعليم کاتي سنڌ ۾ قائم 41 هزار 769 اسڪولن مان 18 هزار 39 اسڪولن ۾ شاگردن کي پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ جو اعتراف ڪري ورتو، تعليم واري سيڪريٽري واٽر ڪميشن ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ صفائي سٿرائيءَ  جي صورتحال به بهتر ناهي، صاف پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ جا  ذميوار واٽر بورڊ، واسا، مڪاني ادارا ۽ چونڊيل نمائندا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪال بابت عدالتي ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي. صحت وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، سربراهه ٽاسڪ فورس مصطفيٰ جمال، سنڌ حڪومت جو فوڪل پرسن سعيد قريشي ۽ ٻيا پيش ٿيا.

ٻڌڻيءَ دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته شهر جو ماسٽر پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هيو، جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته ڇا اِهو فائنل پلان آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواب ۾ چيو ته مون کي پلان هاڻي مليو آهي، فائنل آهي يا نه ان جي باري ۾ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. ٽاسڪ فورس جي سربراهه مصطفيٰ جمال چيو ته نيون 70 اسڪيمون ميرپور خاص، دادو، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ ٻين شهرن ۾ شروع ڪيون وينديون. سنڌ حڪومت جي فوڪل پرسن چيو ته ايندڙ ٻڌڻيءَ تي اسان مثبت جواب ڏينداسين، چيف سيڪريٽري سمورن ڪمن جي سمري وزيراعليٰ ڏانهن اماڻي.

ڪميشن ريمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل 6 مهينن کان ڪو به ڪم ناهي ٿيو، صرف دستاويز پيش ڪيا پيا وڃن، نتيجا ڏنا وڃن. ترقياتي ڪمن کي بجليءَ جا ڪنيڪشن فراهم ڪرڻ جي معاملي تي حيسڪو، سيپڪو ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جا نمائندا پيش ٿيا. نمائندن جو چوڻ هو ته ٻئي ڪمپنيون بجليءَ جا ڪنيڪشن ڏئي رهيون آهن، ڪمپنين کي 239 بجليءَ جا ڪنيڪشن ڏيڻا هئا، جن مان تقريبن سمورا ڪنيڪشن ڏنا ويا آهن، صرف 5 ڪنيڪشن رهيل آهن. ڪميشن ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڳوٺن کي جلد ڪنيڪشن ڏنا وڃن ڇو ته اتان جي صورتحال انتهائي خراب آهي. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ طرفان مختلف شهرن مان گندو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ روڪڻ جو منصوبو ڪميشن ۾ پيش ڪيو ويو. پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته مختلف شهرن مان گندو پاڻي سنڌو درياءَ سميت ڪيترن ئي ڪئنالن مان 48 هنڌن تان ڇڏيو پيو وڃي، جنهن کي روڪڻ لاءِ 48 منصوبو جوڙيا آهن.

اسپتالن جي صورتحال جي حوالي سان سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي جون 4 وڏيون اسپتالون اسٽر لائيزيشن پلانٽ لڳائي رهيون آهن، اسٽر لائيزيشن پلانٽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر، جناح ۽ سول اسپتال ڪراچي، لياري جنرل اسپتال ۾ لڳايا ويندا. ايم ڊي واٽر بورڊ ٻڌايو ته سائيٽ انڊسٽريل ايريا ۾ پاڻيءَ جي ضرورت 35 ملين گيلن روزانو آهي، هن وقت واٽر بورڊ جي لائين مان روزانو صرف 2 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، 400 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ جي الڳ اسڪيم منظور ڪئي آهي. ٻڌڻيءَ دوران ڪميشن سربراهه سوال ڪيو ته تعليمي ادارن ۾ پاڻيءَ جي فراهمي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟

سيڪريٽري تعليم اقبال دراني جواب ڏيندي چيو ته 4 هزار اسڪولن جي سروي مڪمل ٿي چڪي آهي. هن اعتراف ڪندي چيو ته بنيادي سهولتون فراهم نه هئڻ ڪري ساليانو هڪ لک ٻارڙا پهرئين ئي مهيني اسڪول ڇڏي وڃن ٿا. هن اعتراف ڪيو ته سنڌ ۾ قائم 41 هزار 769 اسڪولن مان 18 هزار 39 اسڪولن ۾ شاگردن کي پيئڻ جو صاف پاڻي نه ٿو ملي. سيڪريٽري تعليم پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته اسڪولن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ جا  ذميوار واٽر بورڊ، واسا، مڪاني ادارا ۽ چونڊيل نمائندا آهن. سيڪريٽري تعليم پاران تفصيلي رپورٽ لاءِ مهلت گهرڻ تي عدالت ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *