Friday , March 29 2024

سنڌ جي بيورو ڪريسي ۾ وڏي پئماني تي اٿل پٿل

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ سرڪار پاران بيوروڪريسي ۾ وڏي انگ ۾ مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، جنرل ايڊمنسٽريشن جي سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو کي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب انڊسٽريز کاتي جي سيڪريٽري شمس الدين سومرو کي بدلي ڪري مائنز اينڊ منرل ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، شارق احمد کي قانون واري کاتي ۽ پارليماني معاملن جو سيڪريٽري مقرر ڪري اتي اڳ مقرر عبدالرحيم سومري کي بدلي ڪري بورڊ آف روينيو جڊيشل ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب عبدالوهاب سومرو کي جنرل ايڊمنسٽريشن جو سيڪريٽري ۽ آفتاب ميمڻ کي لينڊ يوٽلائيزيشن کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب زراعت کاتي جي سيڪريٽري شفيق مهيسر کي بدلي ڪري آغا ظهير الدين کي نئون سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو جڏهن ته زراعت کاتي جي سيڪريٽري شفيق مهيسر کي وري امپاورمينٽ آف پرسن وٿ ڊس ايبلٽيز جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب امپاورمينٽ آف پرسن وٿ ڊس ايبلٽيز جي سيڪريٽري محمد عباس بلوچ کي بدلي ڪري کيس ڪمشنر حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. مائنز اينڊ منرل جي سيڪريٽري رفيق احمد ٻرڙو کي بدلي ڪري کيس ڪمشنر سکر مقرر ڪيو  ويو جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل حليم شيخ کي سيڪريٽري انڊسٽريز اينڊ ڪامرس مقرر ڪيو ويو آهي.سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ علي بھادر کي آءِ ٽي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ عابد حسين زواوي کي بورڊ آف روينيو جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *