Friday , March 29 2024

سمٽ بئنڪ اسڪينڊل؛ مک جوابدار حسين لوائي کي جيل ۾ دل جو دورو،اسپتال داخل

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سمٽ بئنڪ ۾ ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي مني لانڊرنگ واري الزام هيٺ گرفتار مک جوابدار حسين لوائي کي اوچتو دل جو دورو پئجي ويو آهي، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جيل انتظاميا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حسين لوائي کي خميس ڏينهن منهجهند جو هِيانوَ / دل ۾ سُر پيو جنهن کي فوري طور تي ئي دل جي بيمارين واري اسپتال اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويو هو، جنهن کي اتي داخل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ميڊيا پاران رابطو ڪرڻ تي حسين لوائي جي وڪيل شوڪت حيات ٻڌايو ته، حسين لوائي لاءِ اڳ ئي ڊاڪٽر جي سهولت فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، کيس خميس ڏينهن دل جو دورو پيو آهي پر ايف آءِ اي اختياريون ساڻس ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي رهيون آهن. ڊاڪٽرن حسين لوائي کي آءِ سي يو منتقل ڪيو آهي، جتي سندس علاج ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر ان ڳالهه جي تصديق نه پيا ڪن ته حسين لوائي کي ڪيستائين اسپتال ۾ رکڻو آهي. واضح رهي ته حسين لوائي کي ايف آءِ اي مختلف بئنڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ انهن ۾ غير قانوني رقم جي منتقلي بابت سهولت ڪاري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *