Friday , March 29 2024

سعودي صحافي جمال خاشقجي جو قتل، گڏيل قومن جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اگنيس ڪيلامارڊ ڪميٽي جو سربراهه مقرر

هيليناڪينيڊي ۽ ڊوارٽَي نونوويئرا ڪميٽي جا ميمبرمقرر

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ  سنڌسماءَچار)  ترڪي ۾ سعودي سفارتخاني ۾ قتل ڪيل صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي جاچ شروع ٿيڻ واري آهي، گڏيل قومن پاران خاشقجي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ڪولمبيا يونيورسٽي جي اگنيس ڪيلامارڊ جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرز تي مشتمل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. جاچ ڪميٽي ايندڙ هفتي ترڪي وڃي قتل واري معاملي جي جاچ شروع ڪندي. هڪ پرڏيهي خابرو اداري الجزيره جي رپورٽ مطابق، گڏيل قومن جي انساني حقن واري شعبي جي آفيس جي عملدارن جو چوڻ آهي ته، عالمي ماهرن تي مشتمل ٽيم، سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي انڪوائري ڪندي. اگنيس ڪيلامارڊ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي ايندڙ هفتي کان پنهن جو ڪم شروع ڪري ڏيندي.

جاچ ڪميٽي جي سربراهه ۽ گڏيل قومن جي قانون کان مٿانهين سزائن/عدالتن کان مٿانهن قتلن بابت گڏيل قومن جي جي اسپيشل رپورٽر ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ فرنچ اڪيڊمڪ ۽ ڪولمبيا گلوبل فريڊم آف ايڪسپريشن جي ڊائريڪٽر اگنيس ڪيلامارڊ جو چوڻ آهي ته هُو پنهنجي ٽيم سان گڏ ايندڙ هفتي ترڪي پهچي ويندو ۽ پنهن جو ڪم شروع ڪري ڏيندو. سندس چوڻ آهي ته هُن جاچ لاءِ پنهنجو هجوم ورڪ شروع ڪري ڏنو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن  واري آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق اگنيس ڪيلامارڊ  سان گڏ ڪميٽي ۾ هيلينا ڪينيڊي ۽ ڊوارٽَي نونو ويئرا جاچ ٽيم جا ميمبر هوندا. جاچ ٽيم 28 هين جنوري کان 3 فيبروري تائين ترڪي ۾ موجود هوندي. جاچ ٽيم ۾ شامل هيلينا ڪينيڊي برطانيا جو ناليوارو قانوندان ۽ هائوس آف لارڊز جو ميمبر به آهي. ٽيم جو ٽيون ميمبر ڊوارٽَي نونو ويئرا پرتگال جي ڪوئيمبرا يونيورسٽي آف ميڊيسن جو پروفيسر ۽ پيٿالوجي جو ماهر آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *