Thursday , March 28 2024

سانوڻي جي مينهوڳي کان اڳ ۾ ڪراچي جا گندا نالا صاف ڪيا وڃن: سپريم ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ مينهن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ وارن نالن سميت گندي پاڻي جي نيڪال وارا نالا برسات کان اڳ شهر جي گٽرن جي صفائي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت  ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ کان سوال ڪيو ته ڇا برسات جو سيزن شروع ٿيڻ وارو آهي، گٽرن جي صفائي ڪيستائين مڪمل ٿيندي؟ جنهن جواب ۾ ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرعدالت کي ٻڌايو ته واٽر ڪميشن جي حڪم تي گٽرن جي صفائي سميت ٻيا ڪم شروع ڪيا ويا آهن. جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ڏيندي چيو ته شرم جهڙي ڳالهه آهي جو هاڻي ڪم شروع ٿي رهيو آهي.جڏهن ته جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته گٽرن جي جلد صفائي نه ٿي ته برسات ۾ توهان کي شهرين کي منهن ڏيڻو پوندو. عدالت اختيارين برسات کان اڳ گٽرن جي صفائي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *