Friday , April 19 2024

خوراڪ کاتي جي ٽياڪڙ ڪرپشن، 70 ڪوڙا بئنڪ اڪائونٽس

خوراڪ کاتي جي ٽياڪڙ ڪرپشن، 70 ڪوڙا بئنڪ اڪائونٽس

ڪڻڪ جي خريداري جي نالي تي سنڌ حڪومت جي خزاني کي ڪروڙين رپين جو رڳڙو

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سمٽ بئنڪ ۽ اومني گروپ جي ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ اسڪينڊل کانپوءِ هڪ ٻيو وڏو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي، خوراڪ کاتي ۽ پاسڪو 70 ڪوڙا بئنڪ کاتا کولرائي سنڌ حڪومت جي خزاني کي 35 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو نقصان پهچايو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته هن اسڪينڊل ۾ واپاري به شامل آهن، ايف آءِ اي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي، اڳوڻن ۽ موجوده خوراڪ جي صوبائي وزيرن کان به جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي جي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، سنڌ جي خوراڪ کاتي، ڪڻڪ جي خريداري واري وفاقي حڪومت جي کاتي پاسڪو ۽ هڪ نجي بئنڪ جي عملي ٽياڪڙي ذريعي 35 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم جعلي بئنڪ کاتن ذريعي هڙپ ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، جن ڪوڙن کاتن ذريعي رقم حاصل ڪئي انهن ماڻهن ۾ روهڙي، اولڊ سکر، ايئرپورٽ روڊ، صالح پٽ، پنوعاقل، ڪنڌرا، آباد جا رهواسي  شامل آهن.

سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، سکر جي انتهائي بااثر سياسي شخصيت جي رضامندي ۽ خوراڪ کاتي جي منظور نظر ڪامورن فرضي نالن تي ڪڻڪ جي خريداري ڪئي. خريداري لاءِ رقم جاري ڪرڻ لاءِ سکر ۾ هڪ نجي بئنڪ ۾ 70 بي نامي ۽ ڪوڙا کاتا کولرايا ويا. ذريعن موجب سنڌ جي خوراڪ کاتي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي نالي تي انهن ئي ڪوڙن ۽ بي نامي کاتيدارن جي نالي تي رقم جاري ڪري 70 بئنڪ کاتن ذريعي رقم ڪڍرائي وئي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ مطابق، خوراڪ کاتي ۽ پاسڪو جي اڪائونٽس مان ڪڻڪ جي خريداري جي مد ۾ اربين رپيا جعلي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿيا. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته جن ماڻهن جي نالي تي ڪڻڪ جي خريداري ظاهر ڪري انهن ڪوڙن بئنڪ کاتن جو حوالو ڏنو ويو؛ انهن  ماڻهن يعني بي نامي بئنڪ کاتيدارن وٽ 10 ويسا زمين به ناهي، اهڙن کاتيدارن ۾ هڪ 80 ورهين جي ٻڍڙي عورت به شامل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن سڄي اسڪينڊل ۾ هڪ نجي بئنڪ جي سکر ۾ قائم مک برانچ جو مئنيجر، بئنڪ جا ڪجهه عملدار۽ ان ئي بئنڪ جو ريجنل هيڊ به به شامل آهي. ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار جي خوراڪ کاتي ۽ پاسڪو جي اڪائونٽس مان ڪڻڪ جي خريداري جي نالي تي اربين رپيا جعلي ۽ بي نامي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي ذريعن موجب خوراڪ کاتي ۽ پاسڪو پاران رڪارڊ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن 70 جعلي ۽ بي نامي اڪائونٽن جي مالڪن کان ڪڻڪ خريد ڪئي وئي ۽ ان عيوض کين پئسا ڏنا آهن پر جن اڪائونٽس جو حوالو ڏنو ويو آهي انهن اڪائونٽس هولڊرز وٽ ڪا زمين ئي نه آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب اڪائونٽ هولڊرز وٽ جڏهن زمين ئي نه آهي ته کائن ڪڻڪ ڪيئن خريد ڪئي وئي؟، جڏهن ته هڪ اڪائونٽ 80 ورهين جي ٻڍڙي جي نالي تي به کوليو ويو آهي.

ايف آءِ اي ذريعن موجب جن ماڻهن کي خبر پئي ته سندن نالي تي جعلي اڪائونٽس کوليا ويا آهن ته انهن پاران ادارن سان رابطو ڪيو ويو، سرڪاري ادارن پاران کين ڪجهه پئسا ڏئي اڪائونٽس هولڊر بڻجڻ جو چيو، جن مان ڪجهه ماڻهن پاران ايف آءِ اي کي شڪايتون ڪيون ويون. ايف آءِ اي ذريعن موجب جعلي ۽ بي بي نامي اڪائونٽس پڌرا ٿيڻ تي سکر جي نجي بئنڪ کان رڪارڊ طلب ڪندي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *