Saturday , April 20 2024

خراب ڪم تي تنقيد ٿئي ٿي ته چڱي ڪم ۾ روڙا نه به نه وڌا وڃن:مراد علي علي شاهه

حيدرآباد( سنڌسماءَچار نيوز) پيپلز پارٽي سدائين ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊُن کٽيون ۽ هاڻي به ان بنياد تي عوام ۾ وينداسين، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدر آباد ۾ هڪ ڪاليج جي سئو سالا جشن واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، اسان تي خراب حڪمراني ۽ خراب ڪمن جي آڙ وٺي تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، ٻي پاسي وري سٺا ڪم ڪرڻ ۾ روڙا اٽڪايا پيا وڃن، ايندڙ عام چونڊن ۾ به اسان ئي ڪامياب ٿينداسين. گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري کي هلندڙ سال يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويندو جنهن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪاليج سنڌ ۾ تعليمي سرگرمين جو ڳڙهه رهيو آهي.

مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صحت ۽ تعليم جي شعبن کي بهتر ڪرڻ ۽ ان جا نتيجا حاصل ڪرڻ سندس پهرين ترجيح ۾ شامل آهي. سنڌ حڪومت جي ڪمن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي پر ان باوجود اسان پنهنجو ڪم جاري رکنداسين. اسان سنڌ ۾ روڊن جي ڪمن تي ڌيان ڏيون پيا 12 ارب رپين جي بجيٽ سان ضلعن جي هيڊ ڪوارٽرن ۾ روڊ تعمير ڪيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته، سنڌ حڪومت جي هر شئي کي غلط سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته اسان جي غلط ڪمن تي بيشڪ تنقيد ڪئي وڃي، پر صحيح ڪمن تي آڱريون نه کنيون وڃن ۽ سنڌ حڪومت جي هر ڪم کي غلط نه سمجهيو وڃي. مان ڪڏهن به ائين نه چوندس ته اختيار ناهن يا پئسا ناهن.

تقريب کي خطاب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳاالهائيندي مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد ۾ اسٽيڪ هولڊر سان گڏجي هڪ وڏو منصوبو تعمير ڪنداسين، جنهن لاءِ صلاح مشورا هلي رهيا آهن. اسان جي ترقي کي ڏسڻو آهي ته ٿرپارڪر وڃو، جتي ٺٽي کان اسلام ڪوٽ تائين وڏو روڊ ٺاهيو آهي. هن پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪنهن به شئي کي منفي سوچ سان نه ڏسڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *