Saturday , April 20 2024

حيدرآباد: پسند جو پرڻو ڪندڙ سباش طاهره کي چاچن پاران قتل جون ڌمڪيون

ڪجهه مهينا اڳ هنڱورجا ۾ ڪامران لاڙڪ سان پسند جي پرڻي تان زهر پياريل سباش طاهره شاهه چيو آهي ته چاچا قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر پوليس سڪيورٽي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، پوليس اهلڪار هڪ يا ٻه ڏينهن اچي گم ٿي وڃن ٿا.

سباش طاهره شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس چاچا مسلسل کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري سندس حياتيءَ کي خطرو آهي.

هن چيو ته چاچن ساڻس ملڻ جو بهانو بڻائي قتل ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي، جيڪي سندس گهر تي به آيا پر ڪامران لاڙڪ جي مائٽن کيس ٻئي هنڌ ٽاري ڇڏيو.

سباش طاهره شاهه چيو ته هڪ چاچَي سندس مائٽن جي ملڪيت تي قبضي لاءِ پٽ سان شادي جو ڊرامو رچايو آهي، پوليس کي ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏنيون پر پوليس اهلڪار هڪ يا ٻه ڏينهن اچي ٻيهر گم ٿي وڃن ٿا.

واضح رهي ته ڪجهه مهينا اڳ سباش طاهره شاهه هنڱورجا واسي ڪامران لاڙڪ سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ سندس مائٽن ٻنهي کي زبردستي زهر پيئاري ڇڏيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *