Wednesday , April 24 2024

”بحريه ٽائون ڪراچي جي قبضي هيٺ زمين خالي ڪرائي وڃي“: سپريم ڪورٽ

”بحريه ٽائون ڪراچي جي قبضي هيٺ زمين خالي ڪرائي وڃي“: سپريم ڪورٽ

نئب بحريا ٽائون خلاف ريفرنس تيار،منظوري لاءِ چيئرمين کي اماڻيو ويندو

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته، بحريا ٽائون ڪراچي جي قبضي هيٺ آيل سموري زمين خالي ڪرائي وڃي“، نئب جو چوڻ آهي ته جلد ريفرنس داخل ڪرائڻ لاءِ چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي موڪليو ويندو. سپريم ڪورٽ اهڙو حڪم، جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ قائم ٽن ججز واري بينچ بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏنو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران نئب جاچ رپورٽ پيش ڪئي. ٻڌڻي دوران سپارڪو جي وڪيل چيو ته عدالتي حڪم تي جي ايم سپارڪو ۽ سڄي ٽيم هتي موجود آهي، اسان 29 نومبر جي عدالتي حڪم تي 2 نقشا جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ان دوران بحريا ٽائون ۾ پلاٽ، فليٽس، بنگلا ۽ ٻيون ملڪيتون خريد ڪندڙن الاٽيز جي وڪيل خواجا طارق رحيم چيو ته عدالت زمين جي قيمت مقرر ڪري، عدالت جيڪا به قيمت مقرر ڪندي الاٽيز اها رقم ادا ڪندا ان لاءِ عدالت جيڪو به طريقو چوندي ان طريقي سان ادا ڪندي. جنهن تي جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن قيمت مقرر ڪئي ته ريٽ 2019 جو مقرر ٿيندو.

ٻڌڻي دوران نئب پراسيڪيوٽر جاچ رپورٽ عدالت آڏو پيش ڪندي چيو ته، بحريا ٽائون ڪراچي جا جاچ آفيسر عدالت موجود آهن، نئب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته هن رپورٽ ۾ بحريا ٽائون جي قبضي ۾ غير قانوني زمين جي الاٽمينٽ ۽ ڪراچي کي پاڻي مهيا ڪرڻ واري ڪي فور منصوبي ۾ بي ضابطگي جي نشاندهي ڪئي وئي. عدالت کي جاچ آفيسر ٻڌايو ته نئب بحريا ٽائون ڪراچي بابت جاچ مڪمل ڪري ڇڏي آهي ۽ جلد ريفرنس تيار ڪري منظوري لاءِ نئب چيئرمين کي موڪليو ويندو. جاچ آفيسر ٻڌايو ته سروي رپورٽ ۾ بحريا ٽائون جي قبضي ۾ 25 هزار 601 ايڪڙ ايراضي آهي، جڏهن ته 2012 جي سروي موجب 12 هزار 156 ايڪڙ زمين بحريا ٽائون وٽ هئي. ان تي عدالت طرفان ريمارڪس ڏنا ويا ته بحريا ٽائون بابت فيصلي ۾ جسٽس فيصل عرب جي واڌو نوٽ ۾ ان ايرضي جي قيمت مقرر ڪئي وئي، 2014 جي مُلهه موجب 7068 ايڪڙ ايراضي جو ڪاٿو 225 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. ان تي بحريا ٽائون طرفان ايراضي جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ وقت گھريو ويو، جنهن تي عدالت 7068 ايڪڙ ايراضي جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ بحريا ٽائون کي وقت ڏنو.

ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته نئب جي رپورٽ موجب 25 هزار 601 ايڪڙ ڪُل ايراضي آهي، جنهن مان 7 هزار 220 ايڪڙ غير قانوني طور تي 2015 ۾ بحريا ٽائون کي منتقل ٿي، ان تي نئب  جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته ان غير قانوني ايراضي بابت بحريا ٽائون جو جواب آهي ته اها قبضي جي زمين نه آهي، جنهن تي عدالت حڪم ڏنو ته سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان ايراضي جو قبضو ختم ڪرائين. سپريم ڪورٽ اهو به حڪم حڪم ڏنو آهي ته 59 غير قانوني ٽيوب ويل ۽ زمين جي خريد توڙي وڪري جي رقم جي ادائگي بابت نيب ڪارروائي ڪري ۽ ان سلسلي ۾ ڌار ريفرنس داخل ڪري. جسٽس عظمت سعيد وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ريفرنس داخل نه ٿيو ۽ عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته نيب خلاف ڪارروائي ڪنداسين. عدالت نيب جي رپورٽ ۾ معاملو سامهون اچڻ تي ڪي فور منصوبي جي روٽ کي به نيب ۽ لاڳاپيل ادارن کي ڏسڻ ۽ ان ۾ به الڳ ريفرنسز داخل ڪرڻ جو حڪم  ڏنو. سپريم ڪورٽ چيو ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) جي 3 منصوبن جي ڏيڍ ارب رپين جي ادائگي واري رقم جي معاملي کي به نيب ڏسي ۽ پنهنجي ڪارروائي بابت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري، ان کان پوءِ عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *