Friday , March 29 2024

بحريا ٽائون ڪراچي کي مليل زمين جي الاٽمينٽ غير قانوني قرار ڏيڻ سان سمورو منصوبو تباهه ٿي ويندو: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون ڪراچي بابت عدالتي فيصلي جي نظرثاني واري دروخواست جي شنوائي دوران؛ چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته، جيڪڏهن عدالت اهو سمجهي ٿي ۽ ان نتيجي تي پهتي ته، بحريا کي ڏنل زمين جي لاٽمينٽ غير قانوني آهي ته، بحرياٽائون ڪراچي جي منصوبي جو سڄو ڍانچو ئي تباهه ٿي ويندو، اعتزاز احسن چيو ته، ايم ڊي اي جي زمين جو اگهه بحريا ٽائون جيڪري مهانگو ٿيو. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏنا آهن ته، غيرقانوني ڪم غير قانوني ئي ٿيندو آهي، غير قانوني ڪم کي قانوني ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ کي قانون سازي ڪري سگهي ٿي.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ پنجن ججن تي ٻڌل لارجر بئنچ، بحريا ٽائون ڪراچي جي نظرثاني واري درخواست جي شڻوائي ڪئي. شڻوائي دوران چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏنا ته؛ جيڪڏهن عدالت ان نتيجي تي پهچي وڃي ته بحريا ٽائون ڪراچي کي الاٽ ڪيل زمين جي الاٽمينٽ غير قانوني هئي ته پوءِ ان سڄي منصوبي جو ڍانچو ڊهي پوندو/ تباهه ٿي ويندو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته، عدالتيرري فيصلي سان سنڌ حڪومت ڪيئن متاثر ٿيندي؟. ان سوال جي جواب ۾ سنڌ حڪومت جي وڪيلفاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته، عدالتي فيصلي جو سڌو اثر زمين جي الاٽمينٽ ڪندڙ آفيسرز تي ٿيندو. ان تي چيف جسٽس ثاقب نثاروراڻيون ته، جنهن به غلط ڪم ڪيو آهي ان کي ڀوڳڻو پوندو.

شنوائي دوران چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته، ڪنهن به عدالگتي فيصلي تي نظرثاني واري ڪيس ۾ اختيار محدود هوندو آهي، ان تي سنڌ حڪومت جي وڪيل وراڻيون ته، مان عدالتي فيصلي بابت هر پيراگراف/ هڪ هڪ جملي ۾ ٿيل غلطين جي نشاندهي ڪندس. چيف جسٽس ٿاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته، ايم ڊي اي جيڪا زمين الاٽ ڪئي،اها زمين ان (ايم ڊي اي) جي اختيار ۾ هئي، پر جيڪا زمين بحريا ٽائون ايم ڊي اي کي ڏني اها ان جي اختيارين ۾ نه ٿي اچي. جيڪڏهن عدالت ان نتيجي تي پهتي ته  زمين جيڪا بدلي طور ڏني وئي اها بدنيتي تي ٻڌل هئي پوءِ ته منصوبي جو ڍانچو ئي تباهه ٿي ويندو. بحريا ذٽائون جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته، بحريا ٽائون وٽ ڪُل زمين 12 هزار هڪ سئو ايڪڙ جي ايراضي آهي، اها زمين سنڌ بورڊ آف روينيو ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي کي الاٽ ڪئي هئي جنهن جو ادلو- بدلو ( هڪ زمين جي بدلي ٻي زمين ڏيڻ) وري بحريا تائون سان ڪيو. علي ظفر جي ان دليل تي چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏنا ته، بحريا ٽائون وٽ ايم ڊي جي زمين غيرقانوني آهي جيڪا ان (ايم ڊي اي) کي واپس ٿيڻ گهرجي ۽ ان زمين / ايراضي جي قميت جو تعين به عدالت ڪندي ۽ اها رقم بحريا ٽائون پاران ايم ڊي اي کي ادا ڪرڻي پوندي. ان تي وري بحريا ٽائون جي وڪجيل بئريسٽر اعتزاز احسن دليل ڏيندي چيو ته، زمين جي قيمت جو تعين ڪرڻ وقت اهو ضرور ڏٺو وڃي ته، ان زمين(ايم ڊي اي جي زمين) جو اگهه بحريا ٽائون جيڪري وڌيو.

شنوائي دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته، ايم ڊي اي ڪهڙن اختيارن تحت زمين بحريا ٽائون کي ڏني؟ جنهن تي ٻڌايو ويو ته، ” ڪالونائيزيشن آف لينڊ ايڪٽ “ تحت اها سڄي زمين بحريا ٽائون کي ڏني وئي. جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته، ” ڪالونائيزيشن آف لينڊ ايڪٽ “ تي نه وڃون، جيڪڏهجن ان تي ويندا ته اوهان وڌيڪ ڦاسندؤ ڇو ته ان ايڪٽ تحت ايراضي جي منتقلي نه ٿي ٿي سگهي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته، ڪنهن کي به سرڪاري وسيلا ڦرڻ نه ڏينداسين، ڏوڪڙ ايترا کائو جو هضم به ٿي سگهن. بحريا ٽائون پاران ايم ڊي اي کي ملندڙ ڏوڪڙ سنڌ حڪومت ڏانهن ويندا ۽ پوءِ جيڪڏهن حڪومت چاهي ته ٻيهر اها ايراضي / زمين بحريا ٽائون کي ڏئي ڇڏي ته ان تي عدالت کي اعتراض نه هوندو. ان موقعي تي جسٽس آصف سعيد کوسا پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته، غير قانوني عمل غير قانوني ئي هوندو آهي، صرف پارليامينٽ ئي قانون سازي ڪري غير قانوني قدمن کي قانوني قرار ڏئي سگهي ٿي. بحريا ٽائون جي وڪيل بئريسٽر اعتزاز احسن دليل ڏيندي چيو ته، جيڪڏهن بحريا تائون ڪراچي کي ايم ڊي اي جي حوالي ڪيو ويو ته، ان (پراپرٽي) جون قميتون گهٽجي وينديون.

ڪيس جي شنوائي دوران عدالت بحريا ٽائون جي وڪيل علي ظفر کان سوال ڪوي ته، هُو ٻڌائي ته؛ ڇا اوهان جو ڪلائينٽ بحريا ٽائون، زمين سنڌ حڪومت کي واپس ڪندو يا واري عدالت ان زمين جي جيڪا قيمت مقرر ڪندو ان زمين جي اها ئي رقم ادا ڪئي ويندي. جنهن بعد عدالت شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *