Thursday , March 28 2024

باڊهه ۾ ناري جو حمل ڪيرائڻ واري معاملي کان پوليس ۽ قانون لاتعلق بڻيل

تصويرون   سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تان ورتل

لاڙڪاڻو (رپورٽر سنڌسماءَچار) باڊهه جي ڳوٺ اوٺوال ۾ مبينا طور تي لاڳيتو زبردستي ۽ بليڪ ميل ڪري جنسي حوس جو نشانو بڻايل ۽ ڳورهاري بڻجي ويل ناري جو حمل مبيناطور ضايع ڪرائڻ واري معاملي کان پوليس مڪمل طور تي لاتعلقي ظاهر ڪري رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ناري جو حمل ضايع ڪرائڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدر فرحان کوکر نالي هڪ نوجوان کي گرفتار ڪيو آهي، پر پوليس سندس گرفتاري باقائدي ظاهر ناهي ڪئي. لاڙڪاڻو پوليس جي ذريعن موجب جوابدار کي گرفتار ئي انڪري ڪيو ويو آهي جو ناري کي جنسي حوس جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار بااثر آهن ۽ کيس ڪجهه سياسي ماڻهن جي سهولتڪاري به حاصل آهي. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، پوليس جي مدد سان معاملي جو ڀوتاري راڄ ذريعي جرڳو ڪري معاملو آيو ويو ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ قانون متاثر ناري ۽ سندس وارثن کي انصاف ڏيارڻ کان لاچار ب ڻيل آهي، پوليس ته مورڳو ڪيس داخل ئي ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري گرفتار ڪيل جوابدار جي گرفتاري ظاهر ڪري رهي آهي. باڊهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ اوٺوال ۾ مبينا زيادتي بعد ناريءَ جو حمل ڪيرائڻ واري ڪوشش ڪئي وئي. پوليس عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي ڇاپو هڻي جوابدار فرحان کوکر ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو هو. پوليس معاملي جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هوءَ ٻئي ڌُريون راڄوڻي ذريعي معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، اُن کانپوءِ ڌُرين جي مرضيءَ موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي زيادتي بعد ناريءَ جو حمل ڪيرائڻ جي مبينا طور ڪوشش ڪندڙ فرحان کوکر جي ڌُر پاڪ ڪتاب کڻي ناريءَ جي وارثن وٽ پهتي. ذريعن جو چون آهي ته جوابدار فرحان کوکر جي مائٽن ناريءَ جي شادي ڪرائڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ سان گڏ ڏنڊ ڀرڻ جي حامي ڀري آهي، جڏهن ته ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ناريءَ جا وارث به اُهي شرط مڃڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *