Friday , March 29 2024

اڳوڻي گورنر محمد زبير تي حملي جي ڪوشش

گاڏي به پاڻ ڊرائيو ڪندو آهيان، مون وٽ ڪا به سيڪيورٽي نه آهي: محمد زبير

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ نون ليگ جي مرڪزي اڳواڻ محمد زبير تي ڊفينس واري علائقي ۾ حملي جي ڪوشش ناڪام بڻجي وئي. ڊفينس واري علائقي ۾ هٿياربندن سنڌ جي اڳوڻي گورنر، محمد زبير جو پيڇو ڪندي کيس ڊفينس واري علائقي ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هُو گاڏي ڀڄائي نڪري ويو. محمد زبير جو چوڻ آهي ته، هُو پنهنجي فئملي سان وڃي رهيو هو ته، هن محسوس ڪيو ته ڪوئي سندس پيڇو ڪري رهيو آهي. محمد زبير جو چوڻ آهي ته، جيئن کي هٿياربند ويجها ٿيا ۽ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هُو گاڏي اسپيڊ ۾ ڊوڙائي نڪري ويو. اڳوڻي گورنر چيو ته هن سڄي معاملي بابت پوليس کي اطلاع ڪري ڇڏيو آهي. گهر پهچڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳاللهائيندي محمد زبير چيو ته ڊفينس فيز 6 واري علائقي ۾ هٿياربندن سندس پيڇو ڪيو. هن چيو ته گذريل سالن کان ڌمڪيون ملنديون تهنديون آهن، مون وٽ ڪا به سيڪيورٽي ناهي ۽ نه ڪنهن سيڪيورٽي بابت پڇيو آهي. هن چيو ته مان پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪري رهيو هيس.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *