Thursday , April 18 2024

ايگزايڪٽ اسڪينڊل سچو آهي ته ڪير به نه پچندو،ڪوڙي مهم آهي ته پوءِ به ڪارروائي ٿيندي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) ايگزايڪٽ جعلي ڊگري اسڪينڊل جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن جعلي ڊگرين جي خبر ۾ صداقت آهي ته ڪوبه بچي نه ٿو سگهي سڀني جو نالو اي سي ايل ۾ وجهنداسين. چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ايگزيڪٽ جعلي ڊگري پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڊي جي فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کان سوال ڪيو ته اسان کي ٻڌايو ته ايگزايڪٽ جو ڪهڙو معاملو آهي، پهريان به گوڙ ٿيو هو، آفيسن کي سيل ڪري دستاويز قبضي ۾ ورتا ويا هاڻ اهو معاملو ٻيهر نڪري رهيو آهي جيڪڏهن صحيح آهي ته ٻڌائي ڇڏيو ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن واقعو ناهي ٿيو ته جيڪا مهم هلائي رهيا آهيو ان جي خلاف ايڪشن ٿيندو پر جيڪڏهن جعلي ڊگرين جي خبر ۾ صداقت آهي ته ڪوبه بچي نه ٿو سگهي. ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته 15 مئي 2015ع تي ايگزيڪٽ بابت خبر ڇپي، پشاور ۾ جعلي ڊگري وارا پروفيسر پڪڙيا ويا ايگزايڪٽ جو هيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ آهي جڏهن ته ڪمپني جي هڪ فلور تي ڪم ڪندڙن کي ٻئين فلوم بابت خبر نه هئي. ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ويهي 330 يونيورسٽين جون ويب سائيٽس ٺاهيون ويون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ملڪي وقار تمام وڏو بنيادي حق آهي اسان ڄاڻون ٿا ته پاڪستان جي عزت بچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻو آهي، مون کي جوابدارن جا نالا لکرائي ڇڏيو.

ايگزايڪٽ جو مالڪ شعيب شيخ   – فائيل فوٽو

چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته منهنجي دل ڌڙڪي رهي آهي خبر اٿو ڇو؟ ڪٿي عامر لياقت ان کان ڊگري نه ورتي هجي؟ جيڪڏهن عامر لياقت ڊگري ورتي نه ڇڏيندوسانس. ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي آگاهه ڪيو ته 2007ع ۾ ڊگري وٺندڙن ۾ عامر لياقت جو نالو به شامل آهي، چئي نه ٿو سگهان ته ڊگري ملي يا نه پر نالو موجود آهي. چيف جسٽس عدالت ۾ موجود عامر لياقت طرف ڏسي چيو ته اهو اوهان ڪهڙي طريقي سان ويٺا آهيو، ڪورٽ جو هڪ احترام هوندو آهي اوهان اٿي بيهي رهو، هي ٽي وي چينل ناهي جنهن تي عامر لياقت پنهنجي حرڪت تي عدالت کان معافي گهري. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هڪ ماڻهو هتان ويهي پرڏيهي ڊگريون وڪرو ڪري رهيو هو پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ ڪوبه ايڪشن نه ورتو. چيف جسٽس چيو ته اڄ ڪلهه اسان پنهنجي غلطين جي نشاندهي ڪري رهيا آهيون، ڇا ملڪ جي بدنامي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ به غلطي آهي؟ ان غلطي کي به اسان جي فهرست ۾ وجهي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران عدالت ايگزيڪٽ جعلي ڊگري اسڪينڊل جي سمورن جوابدارن کي طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 9 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *