Thursday , March 28 2024

ايان علي به اشتهاري جوابدار، دائمي گرفتاري جا وارنٽ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مني لانڊرنگ جي مک جوابدار ۽ مشهور ماڊل ايان علي کي عدالت اشتهاري ڏوهاري قرار ڏئي سندس ملڪيت ضبط ڪري دائمي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. راولپنڊي جي ڪسٽم ڪورٽ مشهور ماڊل ۽ اداڪاره ايان علي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي جي ٻڌڻي ڪئي. ڪسٽم عدالت جي جج ارشد حسين ڀٽه جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ماڊل جي وڪيل ٻڌايو ته ايان علي ملڪ کان ٻاهر آهي، سندس پاڪستان اچڻ في الحال ممڪن ناهي، اڄوڪي ٻڌڻي ملتوي ڪري نئين تاريخ ڏني وڃي. جج ريمارڪس ڏنا ته ماڊل ايان علي کي مسلسل عدالت ۾ طلب ڪيو ويو پر هوءَ پيش نه ٿي ٿئي، سندس ڪراچي جي جيڪا ايڊريس عدالت ۾ لکرائي آهي اها هڪ نجي هائوسنگ سوسائٽي آهي. عدالت کي ماڊل ايان علي جي سمورن اثاثن جا تفصيل ٻڌايا وڃن. جج ارشد حسين ڀٽا پراسيڪيوٽر ۽ ڪسٽم جي انسپيڪٽر کان پڇيو ته ڇا اوهان عدالت جا نوٽيس ملزمه جي گهر ۾ ڏنا آهن يا نه، جنهن تي ڪسٽم انسپيڪٽر اساما منعم عدالت کي ٻڌايو ته ماڊل جيڪا ڪراچي جي ايڊريس ڏني، اتي نوٽيس کڻي وياسين ته ٻڌايو ته ملزمه ايان علي ڪيتري عرصي کان ان گهر ۾ نه آئي آهي. عدالت ماڊل ايان علي کي اشتهاري قرار ڏئي سندس سمورا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سندس گرفتاري جا دائمي وارنٽ به جاري ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *