Friday , March 29 2024

او پي ايس تي مقرر ڪراچي ڄائو ڪليم امام آءِ جي سنڌ جون ذميواريون سنڀالي ورتيون

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد     سنڌ سماءَ چار) وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار جي صلاح مشوري کانپوءِ اون پي اسڪيل (او پي ايس) آءِ جي سنڌ طور مقرر ڪيل ڊاڪٽر ڪليم امام پنهنجي ععهدي جون ذميواريون سنڀالي  ورتيون آهن. ڪليم امام کي امجد جاويد سليمي جي جاءِ تي مقرر ڪندي 7 جولاءِ تي مقرر ڪيو ويو هو. ڪليم امام 22 هيني گريڊ جي آءِ جي واري پوسٽ تي مقرري لاءِ سينئر پوليس آفيسرز جو چوڻ آهي ته،  ڪليم امام سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ ۽ ڪراچي ڄائو آهي، ڪليم امام ايڪيهين گريڊ جو موسٽ سينئر پوليس آفيسر آهي. هڪ سينئر پوليس آفيسر سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ڪليم امام پ پ پ جي حڪومت ۾ مقرر ڪيل سمورن آءِ جيز کان وڌيڪ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪليم امام سنڌ پوليس ۾ اڳ ڪنهن به پوسٽ تي ناهي رهيو ۽ اهو مک ڪارڻ آهي ته هو پوليس جي روايتي ٽولي بازي جو آساني سان شڪار نه ٿيندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *