Friday , March 29 2024

اومني، بحريا ۽ زرداري گروپ آف ڪمپنيز جي ملڪيتن جي خريداري ۽ وڪري تي پابندي لاڳو

لاهور (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اومني گروپ، زرداري گروپ ۽ بحريا ٽائون گروپ آف ڪمپنيز جي ڪنهن به قسم جي ملڪيتن جي خريداري ۽ وڪري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، ايندڙ فيصلي تائين انهن ٽنهي ڪمپنين جي ملڪيتن تي ڪا به ڏيتي ليتي به نه ٿي ڪري سگهجي. اهڙو حڪم، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي جوڙيل جي آءِ ٽي جي رپورٽ پيش ٿيڻ وقت ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڪارروائي دوران ڏيندي چيو، ته  لڳي ٿو ته اومني گروپ جي مالڪن جو غرور ختم نه ٿيو آهي، قوم جا اربين رپيه کائي ويا پوءِ به بدمعاشي ڪري رهيا آهن، لڳي ٿو ته کين اڊيالا جيل مان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

اومني گروپ ۽ آصف زرداري جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. گڏيل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ عدالت ۾ ڏيکارڻ لاءِ پروجيڪٽر لڳائڻ جي هدايت ڪندي آصف زرداري، ملڪ رياض ۽ ٻين کي نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا آهن. چيف جسٽس انور مجيد جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته لڳي ٿو ته اومني گروپ جي مالڪن جو غرور ختم نه ٿيو آهي، قوم جا اربين رپيه کائي ويا پوءِ به بدمعاشي ڪري رهيا آهن. لڳي ٿو هاڻي کين اڊيالا جيل مان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻو پوندو، انور مجيد سان هاڻي ڪو به رحم ناهي. توهان وڪيل آهيو توهان کي ٻڌنداسين پر فيصلو ته عدالت کي ئي ڪرڻو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ پروجيڪٽر تي هلائي وئي. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلاول فيملي جو هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ مهيني جو خرچ ڪمپنين ادا ڪيو، ڪراچي، لاهور جي بلاول هائوسز جي اڏاوت لاءِ جعلي اڪائونٽس مان به رقم منتقل ڪئي وئي.  جي آءِ ٽي سربراهه چيو ته  زرداري گروپ 53 ڏهائي 4 ملين جا قرض حاصل ڪيا، بلاول هائوس جي ايراضي زرداري گروپ جي نالي تي آهي، اومني گروپ مان زرداري گروپ جا ذاتي خرچ به ادا ڪيا ويا. چيف جسٽس چيو ته اهو اهو پاڪستان ناهي جو پهريون هو، جتي سرڪاري زمين جي ونڊ ورڇ ڪئي وئي، زرداري ۽ بلاول جي جي گهر جا خرچ به انهن ڪمپنين هلايا، جيڪڏهن ايراضي گفٽ ڪئي وئي ته پئسا ڇو ادا ڪيا ويا. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪو پيمپر آهي ته ان سان گڏ ئي ويندو، سندن ڪتن جو کاڌو ۽ هيٽر جو بل به ڪو ٻيو ڏيندو هو.  چيف جسٽس اومني گروپ جي ملڪيتن کي منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *