Wednesday , April 17 2024

انتهائي حساس ۽ حساس پولنگز تي فوج مقرر ٿيندي: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار)  چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان چيو آهي ته، چونڊن لاءِ انتهائي حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏينل پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز مقرر ڪئي ويندي، بئلٽ پيپر ۽ ٻيو سامان به فوج جي نگراني ۾ منتقل ڪيو ويندو.چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن ۾ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز، ڊي جي ايم او، ڊفينس سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صوبائي اليڪشن ڪمشنرز پولنگ اسٽيشنز بابت رپورٽ به اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي فوج جي نگراني ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ته بيلٽ پيپرز فوج جي نگراني ۾ ئي پهچايا ويندا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حساس ترين پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون به لڳايون وينديون. جڏهن حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، سمورين پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهر پاڪ فوجا جا اهلڪار مقرر ڪيا ويندا ۽ 20 هزار انتهائي حساس پولنگ اسٽيشننز تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وينديون. جيڪي صوبائي حڪومتون لڳائينديون. ترجمان نديم قاسم چيو ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ۽ پهچائڻ وارو عمل فوج جي نگراني ۾ ڪيو ويندو. پاڪ فوج سمورين پرنٽنگ پريسز تي 27 جون کان 25 جولاءِ تائين فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪندي. ترجمان چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ اليڪشن ڪميشن هڪ ضابطه اخلاق جوڙيو آهي، جن جا اهي پابند هوندا، جڏهن ته سيڪيورٽي جي حوالي سان نيڪٽا کي به آن بورڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *