Friday , March 29 2024

اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌليون،ڪراچي، لاڙڪاڻو، حيدر آباد، خيرپور ۽ جيڪب آباد سميت سڄي سنڌ ۾ مظاهرا

ڪراچي / لاڙڪاڻو/ ملير ( رپورٽرز  سنڌسماءَچار) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عام چونڊن دوران مبينا ڌاندلين خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.ڪراچي ۾ جي يو آئي جي سڏ تي سپر هائي وي تي ال آصف اسڪوائر  ڀرسان احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو، جنهن سبب سپر هائي وي تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ  معطل ٿي وئي. مظاهري کانپوءِ ڌرڻو ڏنوويو، جنهن جي اڳواڻي مولوي عبدالڪريم ۽ مولانا فياض احمد ڪري رهيا هئا. ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻي کانپوءِ  پوليس مظاهرين سان ڳالهه ٻولهه ڪري احتجاج ختم ڪرايو. مبينا ڌانڌلين جي خلاف  جي يو آئي جي سڏ تي ملير  ۾ گهگهر ڦاٽڪ وٽ قومي شاهه تي ڌرڻو هنيو ويو. حيدرآباد ۾ ڌانڌلين جي خلاف جي يو آئي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري هٽڙي بائي پاس تي ڌرڻو هنيو ويو.مظاهرو ڪندڙن جي اڳواڻي مولانا تاج محمد ناهيون ڪري رهيو هو. گهوٽڪي ۾ جي يو آءِ پاران محمد اسحاق لغاري، سراج احمد چنا ۽ غلام رسول جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ جي ڪارڪنن سراج احمد امروٽي، ڊاڪٽر اي جي انصاري ۽ مير محمد بنگلاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي زيرو پوائنٽ ڌرڻو هنيو.

ڪنڌڪوٽ ۾ مولوي شمس الدين ڀيري ۽ قاري شفيح محمد کوسو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري گئس فيلڊ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. سڪرنڊ ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن حافظ عبدالقيوم چنا ۽ ايڊووڪيٽ عبدالڪريم جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ روڊ بند ٿي ويو ۽ سوين گاڏيون بيهجي ويون. سجاول جوڻيجو ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري قمبر  روڊ  ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. سن ۾ جي يو آءِ جي مرڪزي سالار انجنيئر عبدالرزاق لاکو، ضلعي اڳواڻ مولانا محمد قاسم کاراڻي، شيخ عبدالله ڪوهستاني ۽ محمد انور کونهارو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو. بدين  ۾ مولانا فتح محمد مهيري ۽ مولانا عبدالواحد مڱريو جي اڳواڻي ۾ حيدر آباد روڊ تي پير چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ڪارڪنن شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اليڪشن ۾ هڪ سازش تحت ڌانڌلي ڪري مخصوص ماڻهن کي ڪامياب ڪرايو ويو آهي، اهڙي عمل کي عوام قبول نٿو ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي حقيقي ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن جو اعلان ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *