Friday , April 19 2024

آصف زرداري کي وقت کان اڳ چونڊن جو اشارو ملي ويو

گرفتاري سان ڇا ٿيندو؟جيل منهنجو ٻيو گهر آهي:آصف زرداري

ٽنڊوالهيار (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ”وقت کان اڳ چونڊن جو اشارو ملي ويو آهي، پاڪستان ۾ سياسي ٻوٽي کي اسرڻ ئي نه ٿو ڏنو وڃي، ايوب خان جي دور کان ڪڏهن ڊڪٽيرز ته ڪڏهن سول ڊڪٽيٽرز جو مقابلو ڪندا رهيا آهيون“، اهو چوڻ آهي اڳوڻي صدر آصف زرداري جو. پ پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري ٽنڊو الهيار ۾ جلسي کي خطاب ۽ بعد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته، اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته اسان کي ڪي پي ۽ بلوچستان نه ٿو وڃڻ ڏنو وڃي، بلاول کي چيو ويو ته توهان ڪي پي نه ٿا وڃي سگهو ۽ ساڳي ڏينهن عمران خان وڃي ٿو. اسان پنهنجي حڪومتي دور ۾ ادارن کي مظبوط ڪيو، اسان هر دور ۾ ادارن کي مضبوط ڪيو آهي، ارڙهين ترميم به ان جو ثبوت آهي، هاڻي اصل جهيڙو به 18 هين ترميم تي ئي ته آحي. آصف زرداري جو چوڻ هو ته، اسان صوبن کي سندن حق واپس ڏياريا، جيڪڏهن مان ڪوشش به ڪيان ته پيپلز پارٽي، سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان جون حڪومتون توڙي عوام ارڙهين ترميم رول بيڪ ڪرڻ نه ڏيندو. حڪومت کي ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته،هن وقت انڊر 16 جي ٽيم آهي جنهن کي کيڏڻ نه پيو اچي ۽ ملڪ تي احمقن جي حڪومت آهي، اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڏنڊي جي زور تي ٽئسڪ وصوليون نه ٿيون ڪري سگهجن.

آصف زرداري چيو ته، نيب سميت جنهن کي به پ پ پ خلاف ڪارروايون ڪرڻيون آهن اُهي شوق پورو ڪن، پيپلزپارٽي خلاف جڏهن به ڪارروايون ٿيون آهن ته اسان ڪمزور ٿيڻ بدران اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهيون. هڪ سوال جي جواب آصف زرداري چيو ته، منهنجي گرفتاري سان ڇا ٿيندو؟ جيل ته منهن جو ٻيو گهر آهي.  ملڪ ۾ بي سمجهه ماڻهو حڪمران آهن، جنهن جيڪري کين اها ڳالهه سمجهه ۾ نهن ٿي اچي ته صوبا مضبوط ٿيندا ته پر اسلام آباد مضبوط ٿيڻ سان ملڪ مضبوط نه ٿيندو ۽ نه ئي وري ترقي ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *